“ڪشمور ضلعي ۾ ڏوهارين راڄ قائم، مئن انڊس هاءِ وي ۽ غوثپور ۾ ڦرن جون وارداتون، واپاري ۽ شهري عدم تحفظ جو شڪار”

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي جي ڀرپاسي ڀرپاسي ۾ ڏوھارين پنھنجو راڄ قائم ڪري ورتو۔ ڏوھن جي وارداتن ۾ گھٽتائي نه اچي سگھي، پورو علائقو ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ھجڻ سبب عوام پوليس مان مڪمل مايوس ٿي ويو۔ اڄ صبح جو شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ دڙي سندراڻي لاڙو واري علائقي ۾ ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار ڇھ ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن مئن انڊس ھا۽ وي تي ناڪو لڳائي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کان ڦر لٽ ڪئي۔ ڏوھارين غوثپور کان ڪنڌڪوٽ ٽريڪٽر تي ويندڙ بجاراڻي برادري جي محمد رمضان ۽ غلام رسول کي روڪي کانئن ٽريڪٽر، موبائيل فونون ۽ ھزارين روپيه روڪ رقم ڦر ڪري ويا۔ متاثرن روڊ تي بيھي ڪشمور پوليس خلاف دانھيندي چيو ته پوليس ڀرسان ھوندي به ڏوھارين جو پيڇو نه ڪيو ۽ ھو آساني سان ڏوھ ڪري پوليس جي اکين اڳيان فرار ٿي ٽريڪٽر ڪاھي ويا۔ واضع رھي ته ڪالھ به ڏوھارين ڏينھن ڏٺي ساڳئي ھنڌ غوثپور جي صحافي سروپ ڪمار ۽ سندس ڀائرن جي ڪار کي روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي پر ھنن ڪار نه روڪي ته مٿن سڌيون گوليون ھنيون ويون جنھن سبب ڪار کي نقصان پھتو ۽ گھر ڌڻي وڏي نقصان کان بچي ويا۔ ٻئي پاسي جي يو آ۽ جي امير سيد سھيل شاه ۽ ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال آ۽ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ڏوھارين ڪشمور ضلعي ۾ رڻ ٻاري ڏنو آھي انھن کي روڪي امن بحال ڪرايو وڃي نه ته مئن انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھندا سين ٻئي طرف غوثپور شھر مڪمل ڏوھارين حوالي، پوليس اگھور ننڊ ۾ ستل، شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو ڦر جي چوٿين وڏي واردات ٿي ويئي۔مليل تفصيل موجب اڄ صبح جو سوير موٽر سائيڪل تي سوار ٻٽ ٻڌل ٻن ڏوھارين شھر جي ھندو واپاري برٿ لال کان تنگواني لنڪ روڊ تي ھٿيارن جي زور تي ھڪ لک روپيه ڦري فرار ٿي ويا۔ متاثر واپاري غوثپور جي مئن پريس ڪلب اچي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته مان مسڪين پورھيت آھيان جيڪو دوڪان ھلائي پنھنجو ڪاروبار ڪري ٻچن جو پيٽ پاليانٿو، مونکان ڦر ٿيل سامان ۽ دوڪان جا ڪاغذات واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي۔ ٻئي پاسي ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال ايس پي ڪشمور کي چتاء ڏنو ته غوثپور مان بدامني کي ترت ختم نه ڪيو ويو ته شٽر بند ھڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو