پيپلز پارٽي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرفان پاڪستان فوج سان يڪجهتي جي اظهار طور يوم تشڪر جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ٽاور چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي پ پ اڳواڻن شير محمد سهرياڻي، حيدر ڏاهاڻي، طارق عزيز سرڪي، غلام رسول ميراڻي، شهزادو کوسو، دلاور سومرو، شاهد ملڪ، عبدالنبي ملڪ، قدرت الله ميراڻي، ثناءُ الله ميراڻي ۽ ٻين ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن “پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد، مودي حڪومت زنده باد” جا نعرا لڳايا ۽ جھمريون ھڻي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو انھيء موقعي تي اڳواڻن پنهنجي گڏيل خطاب ۾ چيو ته پاڪستاني فوج دنيا کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت، هميشه وانگر، ملڪ جي حفاظت لاءِ پاڪستاني هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ لاءِ تيار آهي پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي پاڪستان جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي.