انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) بابت اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل جانسن جي بيان ڀارتي ميڊيا کي چيڙائي ڇڏيو. اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر مچل جانسن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) تي الزام مڙهيو آهي ته هو پرڏيهي رانديگرن تي آءِ پي ايل جون رهيل ميچون کيڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. مچل جانسن چيو آهي ته جيڪڏهن کيس ڀارت واپس وڃڻ ۽ ٽورنامينٽ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو هجي ها ته سندس جواب ”نه“ هجي ها، ڇو ته زندگي راند کان وڌيڪ اهم آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پرڏيهي رانديگر پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن ته آءِ پي ايل جي انتظاميا کي گهرجي ته ٽورنامينٽ ملتوي ڪري ۽ ٻي مناسب ونڊو (وقت) ڳولي. جانسن چتاءُ ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال برقرار رهي ته آءِ پي ايل کي وڏو مالي نقصان ڀوڳڻو پوندو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيترائي پرڏيهي رانديگر ڀارت جي دوري کان لنوائي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون رهيل ميچن لاءِ دنيا جي ناميارن ستارن شرڪت آءِ پي ايل جي ساک کي سخت متاثر ڪيو آهي.