ايس يوپي پاران قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ ڪارڪن وقاربنگوار جي قاتلن جي گرفتاري وڌندڙ بدامني خلاف ايس يو پي آفيس کان ايس ايس پي آفيس جي گيٽ تائين دلمرادڏاھاڻي. شاھنوازمرھيٽو. سرمدجاگيراڻي. ڇوٽوجکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جھنڊا. بينر. پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪندي چيو وڌندڙ قبيلائي تڪرارن .بدامني ۾ پوليس. ڀوتار ڏوھاري گڏ آھن عوام کي ماريو لٽيوڦريو پيو وڃي .چونڊيل نمائندا. بااثر ڌريون ۽ پوليس جو ڪو ڪردار نٿو نظر اچي ھنن چيو ت اسان انھن کي ان ڏوھي ڪارواين ۾ ملوث سمجھون ٿا .واپارين کي ڀتي لاءڌمڪايو ماريو پيو وڃي ھنن چيو ت جيستائين امن بحال نٿيندو تيستائين احتجاج جاري رھندو.