ڪرمپور ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، ڪار کاهيءَ ۾ ڪري پئي

ڪرمپور ٿاڻي جي حد مين انڊس هاءِ وي روڊ تي الاهي بخش بجاراڻي لاڙي ڀرسان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربندن گمبٽ کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ ڪار کي ھٿيارن جي زور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ڊرائيور پاران ڪار نه روڪڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري بيٺل پاڻي جي کاهي ۾ ڪري پئي فائرنگ سبب ڪنڌڪوٽ واسي ڪار ۾ سوار ميراڻي برادر جو نوجوان 19 سالا شڪيل احمد ميراڻي کي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو, ٻيا ڪار سوار محفوظ رهيا, هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هوڏانهن ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڪرمپور اسپتال آندو, ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جي لاش کي ڪرمپور سرڪاري ايمبولنس ذريعي ڪنڌڪوٽ موڪليو ويو, هوڏانهن اطلاع تي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو