ٺڪراٺو جي واهن بمبلي مائنر مبارڪپور مائنر مهر مائنر ۽ لٺ مائنر ۾ گذريل هڪ مهيني کان پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران ٺڪراٺو جي ميئن چئوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي مظاهرين آبپاشي جي صوبائي وزير چونڊيل نمائندن ۽ اعلا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سيڊا ڊائريڪٽر گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺو جي چئن واهن ۾ پاڻي نه اچڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آبادگارن سروري شهزاد راڄڙ عبدالرشيد ڀٽي فقيرنصيراحمدمهر شهبان علي راڄڙ ۽ ٻين ٺڪراٺو جي مک چئوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو ٿي ويو آهي واهن ۾ پاڻي ناهي پهتو جنهن ڪري پوڇڙي ۾ مالوند ماڻهن جو چوپايو مال به مرڻ لڳو جڏهن ته ڪڻڪ جي فصل کي ريٽ نه هجڻ ۽ ايوريج نه لهڻ ڪري اڳ ۾ ئي آبادگار سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ويتر ٽائم تي واهن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اذيت ۾ آهيون اسان جو ڦٽي جو فصل جيڪو بيڪا مشينن ذريعي پوکيو هو اهو به پاڻي هجڻ ڪري سڙڻ لڳو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ بمبلي مائنر ۾ پاڻي آيو هو جيڪو به ايس ڊي او پاران بااثر ذميندارن کي پيسن عيوض خانپور مهر کان شاهپور مهر تائين لفٽ مشينن ذريعي چوري ڪرائي رهيو آهي آبادگارن آبپاشي جي وزير ڄام خان شورو سيڊا چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد شاھ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڊائريڪٽر سيڊا گهوٽڪي انجنيئر ميرپور ڊويزن ۽ ٻين اعلیٰ آفيسرن کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد بمبلي ۽ مبارڪپور مائنر ۾ پاڻي ڇڏي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي