ڪراچي: پئٽرول پمپن جي ٽينڪرن مان هزارين ليٽر اسمگل ڪيل ايراني ڊيزل برآمد

انفورسمنٹ ڪليڪٽريٽ ڪراچي جي اينٽي اسمگلنگ ۽ حساس ادارن گڏجي ڪارروائي ڪئي. ڊپٽي ڪليڪٽر محمد رضا نقوي ٻڌايو ته پئٽرول پمپن مان 96,697 ليٽر اسمگل ڪيل ايراني ڊيزل برآمد ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ايراني ڊيزل جي ماليت 2 ڪروڙ 50 لک روپيا آهي، ڪارروائي دوران 7 ٽينڪرن کي ضبط ڪيو ويو ۽ ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. 19 فيبروري 2025 تي ڪليڪٽر ڪسٽمز انفورسمينٽ ميرين يونٽ بحيره عرب ۾ ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 ملزمان کي گرفتار ڪيو ۽ 2 ڪروڙ 24 لک روپين جي ماليت جو ڊيزل ۽ لانچ ضبط ڪيو. ڪليڪٽر ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي جي خصوصي ميرين يونٽ بحريه عرب ۾ چرنا آئرلينڊ جي ويجهو ال عريشه نالي لانچ تي ڇاپو ماري اسمگل ڪيل ڊيزل برآمد ڪيو هو. ڪسٽمز اهلڪارن موجب لانچ مان 30,365 ليٽر اسمگل ڪيل ايراني ڊيزل برآمد ٿيو، جنهن جي ماليت 74 لک 62 هزار روپيا آهي، جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 1.5 ڪروڙ ماليت واري لانچ به ضبط ڪئي وئي.