تفصيل موجب، پاڪستاني خاتون پوليس آفيسر سرگودھا جي اے ايس پي انعم شير هڪ وڏو اعزاز حاصل ڪيو آهي، جنھن ورلڊ پوليس سمٽ جو بين الاقوامي ايوارڊ کٽي ورتو. پنجاب پوليس جي ترجمان مطابق، اے ايس پي انعم شير کي ڪرمنل انوسٽي گيشن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو دبئي پوليس جي ڪمانڊر ان چيف پاران پيش ڪيو ويو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ورلڊ پوليس سمٽ ايوارڊ لاءِ 192 ملڪن جي آفيسرن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي کي ڏٺو ويو، ۽ انعم خان کي هي اعزاز پنجاب جي ٻن اهم قتل ڪيسن کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ تي مليو آهي. ٻئي طرف، آءِ جي پنجاب نے اے ايس پي انعم شير کي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباش ڏني، ۽ چيو ته پنجاب پوليس جي آفيسرن جو عالمي سطح تي اعزازن لاءِ چونڊجي اچڻ فخر جو موضوع آهي.