7

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪندو

 وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاڪ بحريا جي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪندو. پاڪ بحريا جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جي آجيان ڪندو، آپريشن بنيان مرصوص دوران ڀارتي بحريا جي جارحاڻي عزمن کي ناڪام بڻائڻ تي وزيراعظم پاڪ بحريا کي خراج تحسين پيش ڪندو.وزيراعظم ان موقعي تي بحريا جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب پڻ ڪندو، جڏهن ته هو گورنر ۽ وڏي وزير سان پڻ ملندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو