“ڪنڌڪوٽ سميت پورو ضلعو بدامني جي لپيٽ ۾ — سردار محمد صلاح خان گولو پاران قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ اهم قدم جو اعلان”

ڪنڌڪوٽ سميت پورو ضلعو بدامني جي باه ۾ ٻري رهي آهي قانون جي رٽ ڪمزور هئڻ ڪري ڏوهاري سريعام ڏوهي ڪاروايون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا. قبائلي جهيڙن جي ڪري به ماڻهون ڏوهاري ٿين ٿا اهڙن خيالن جو اظهار سردار محمد صلاح خان گولو صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جلد ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هلندڙ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سردار مير پير سول سوسائٽي جا اڳواڻ جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي انهن کي جلد ٺاھ لاءِ راضي ڪيو ويندو هن چيو ته جهيڙن ۾ هميشه غريب قتل ٿيو وڃي ٿو جهيڙن جي ڪري وسندڙ ويڙها به ويران ٿي وڃن ٿا تعليم سميت علائقي جو امن به برباد ٿي وڃي ٿو جنهن ڪري مجبور ٿي ماڻهو هٿيار کڻي روڊ رستن شهرن ۾ سريعام ڦرون ڪن ٿا. لوفر چند ماڻهون آهن جن عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي قانون جيڪڏهن پنهنجي سچائي سان ڪم ڪرڻ تي اچي ته چند ڪلاڪن ۾ انهن جو صفايو ممڪن آهي منهنجي ذاتي ڪوشش آهي ته جلد ضلعي اندر امن ٿئي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل آهي ته هو جلد نوٽيس وٺي ضلعي اندر بدامني ۽ هلندڙ قبائلي جهيڙن جو خاتمو آڻي عوام کي سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي