تفصيل موجب، فنڪارا سويرا سنڌو جو چوڻ آهي تہ خورشيد مھر هن سان غير اخلاقي رويو اختيار ڪندي هن جي تزليل ڪئي۔ هن وڌيڪ چيو تہ هن سان ٿيل هن ناانصافي خلاف هوءُ قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان انصاف جي گهر ڪري ٿي۔ ٻئي پاسي، سول سوسائٽي ۽ ثقافتي حلقن پاران پڻ هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو آهي تہ اهڙا واقعا سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ فنڪارن جي عزت نفس تي ڌڪ برابر آهن۔ فنڪارا سويرا سنڌو جو مطالبو آهي تہ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن۔