ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت في تولا سون 4000 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 4000 رپيا مهانگو ٿي 3 لک 42 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت به 3429 رپيا وڌي 2 لک 93 هزار 638 رپيا ٿي وئي آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 40 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3241 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.