7

اسحاق ڊار جي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وزير سان ملاقات، اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وزير ليو جيان چائو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي پارٽين ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ کان علاوه اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لوهي دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته چيني وزير ليو جيان چائو چيو ته چين پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جاري رکندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو