سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت 28 مئي تي يوم تڪبير تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، يوم تڪبير تي 28 مئي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ موڪل هوندي. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج 28 مئي تي بند رهندي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت ڊسمبر 2024 ۾ 28 مئي کي عام موڪلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو. گذريل سال 28 مئي کي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي عام موڪل قرار ڏنو ويو هو.