43

عورتن جي ڪپڙن جو وڌندڙ قيمتن وارو معاملو قومي اسيمبلي پهچي ويو

 سموري ملڪ ۾ عورتن جي ڪپڙن جي وڌندڙ قيمتن جو معاملو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو آهي.  ايوان جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر شگفته جماڻي اهو معاملو اٿاريو. شگفته جماڻي چيو ته برانڊز جو نالو ڏئي لوڪل ٽيڪسٽائيل پنهنجون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، جيڪو عورتن جو سوٽ 7 کان 8 هزار روپين ۾ ملندو هو هاڻ انهي جي قيمت 20 هزار روپيه آهي انهي تي چيڪ اينڊ بيلنس ڪير رکندو. شگفيه جماڻي چيو ته جيڪو گهر مان اٿندو آهي اهو ٽيڪسٽائيل جو واپار شروع ڪري  پنهنجو نالو رکي ڇڏيندو آهي. انهي موقعي تي واپار بابت پارلياماني سيڪريٽري ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته لوڪل مارڪيٽ ۽ ريٽيل مارڪيٽ تي اسان جو ڪوبه ڪنٽرول نه آهي. لوڪل مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌڻ جي ڪري بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو