روهڙي (رپورٽر) روهڙي جي يقين سهارا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي هيڊ آفيس تي مسلمان ٿيل ناري ميمونه فاطمه (سابقا ريکا) پهچي چيئرپرسن ميڊم حنا لاڙڪ آڏو پنهنجي ساهرن خلاف دانهيندي مدد جي اپيل ڪئي آهي، ميمونه فاطمه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته، “مون ٻه سال اڳ پنهنجي رضا سان اسلام قبول ڪري نوابشاهه جي مدرسي ۾ مسلمان ٿيس ۽ پوءِ عاصم اڄڻ نالي نوجوان سان نوابشاهه ڪورٽ مان پسند جو پرڻو ڪيو، جيڪو ڪوٽ بنگلو جو رهواسي آهي۔ ميمونه فاطمه چيو ته، “عاصم مون سان پيار ڪندو آهي ۽ شادي بعد سکر شهر ۾ ڪرائي جي جاءِ تي رهائش مهيا ڪئي هئي، پر منهنجا سهرا مونکي قبول نه ٿا ڪن، مون سان وڙهندا آهن ۽ هاڻي منهنجو مڙس به انهن وٽ آهي۔ هن دانهيو ته، “اڄ چوٿون ڏينهن آهي جو عاصم مون وٽ واپس نه آيو آهي، مان سخت پريشان آهيان، وس وارن، پوليس ۽ انساني حقن وارن ادارن کي اپيل ڪريان ٿي ته مونسان انصاف ڪيو وڃي، منهنجي مڙس کي مون وٽ واپس آڻايو وڃي ۽ اسان جي گڏيل زندگي کي اجاڙجڻ کان بچايو وڃي، ان سلسلي ۾ يقين سهارا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرپرسن ميڊم حنا لاڙڪ پڻ خاطري ڪرائي ته متاثر ناري جي مڪمل قانوني ۽ انساني مدد ڪئي ويندي، جيئن کيس تحفظ ملي سگهي۔