48

فيصل واوڊا دفاعي بجيٽ وڌائڻ کان علاوه سموري فورسز جون پگهارون ڊبل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

 سينيٽر فيصل واوڊا دفاعي بجيٽ ٽيڻ تي وڌائڻ ۽ سموري فورسز جون پگهارون ڊبل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ترقياتي بجيٽ کي روڪي دفاع تي خرچ ڪرڻا پوندا. پرڏيهي ملڪن ڏانهن ويندڙ سفارتي وفد ۾ اپوزيشن ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سيز فائر جو دفاع ڪرڻ اسان جي ڪمزوري نه آهي. حڪومت دل وڏو ڪري ۽ اپوزيشن جي آجيان ڪري. سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻارن ۽ ٽرينن تي حملا جنگ نٿي ٿي سگهي، نام نهاد ناراض ماڻهو ڀارت کان پئسا ۽ هٿيار وٺي رهيا آهن انهن سان ڪنهن به قسم جي همدردي نه هجڻ گهرجي. انهي جو هڪڙو ئي حل آهي ته انهن کي چيڀاٽيو وڃي.اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي هر ممڪن حد تائين مسئلن جو حل ڳالهين سان چاهي ٿي پر هي سياسي ماڻهو ناهن، ناراض آهن ته شڪايت جو حل اهڙي طرح نٿو ڪڍي سگهجي. معصوم ٻارن جو رت وهائيندڙن سان ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي. ڀارت دهشتگردن کي وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي. دهشتگردن کي چيڀاٽڻ گهرجي انهن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو