“غوثپور ۾ وڏو جرڳو: ڪارنهن ۽ قتل جي ڪيس تي 58 لک رپين جو فيصلو”

پريالوءِ ويجهو جاگيراڻي ۽ جلباڻي برادري وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو وڏي جرڳي وسيلي نبيرو ٿي ويو. جرڳي ۾ جلباڻي ڌر مٿان ڪارنهن جي الزام ۽ سولنگي برادري جي فرد جي قتل سميت مختلف نقصانن تي مجموعي طور 58 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. غوثپور واري علائقي ۾ سردار ميرعابد خان سندراڻي جي سرواڻي هيٺ، سندس دڙي واري رهائشگاهه تي جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ جلباڻي ڌر جي نمائندگي سردار علي نواز خان جلباڻي، سردار سائيندادخان سولنگي، ممتاز جلباڻي، وڏيرو محمد نواز جلباڻي ۽ امداد جلباڻي ڪئي، جڏهن ته جاگيراڻي ڌر مان شهزادو جاگيراڻي، عبدالخالق جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جرڳي دوران جلباڻي برادري مٿان جاگيراڻي ڌر جي ٻن عورتن جي ڪارنهن ثابت ٿيڻ سان گڏوگڏ سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ مولوي اسدالله سولنگي جي قتل ۽ جاگيراڻي ڌر جي نقصان جي به تصديق ٿي، جنهن تحت جلباڻي ڌر مٿان 56 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ان جي ابتڙ، جاگيراڻي ڌر مٿان به جلباڻي ڌر جي ٻن زخمين، هڪ اوطاق ۽ بارداني کي ساڙڻ جي ڏوهه ۾ 8 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي جي متفقه فيصلي موجب، ڏنڊ مان 8 لک رپين جي ڪٽوتي بعد جلباڻي برادري 50 لک رپيا جاگيراڻي ڌر کي ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي. پهرين قسط طور موقعي تي 2 لک رپيا جاگيراڻي برادري ۽ 2 لک رپيا سولنگي برادري کي ادا ڪيا ويا. نيبيرو ٿيڻ بعد سردار ميرعابد خان سندراڻي، سردار مير علي نواز خان جلباڻي ۽ سردار سائينداد خان سولنگي ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پائي کيرکنڊ ڪري صلح ڪرائي ڇڏي. جرڳي جي نتيجي ۾ علائقي ۾ سڪون ۽ خوشي جي لهر پکڙجي وئي