59

مني لانڊرنگ ڪيس: شريف خاندان جي خلاف شهزاد اڪبر جي داخل ڪيل درخواست رد

 مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شريف خاندان جي خلاف شهزاد اڪبر جي داخل ڪيل درخواست کي رد ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم عدالتي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ شهزاد اڪبر طرفان داخل ڪيل اپيل کي  پيروي نه ڪرڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل جي غير حاضري تي شهزاد اڪبر طرفان داخل ڪيل اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اپيل شهزاد اڪبر پنهنجي وڪيل هارون الياس جي حوالي سان داخل ڪئي هئي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي عدالت مان ٿيندڙ بريت کي چيلينج ڪيو ويو هو. پر وڪيل جي غير حاضري ۽ پيروي نه ٿيڻ سبب عدالت اپيل کي اڪلائي ڇڏيو. ياد رهي ته اهو ڪيس 2020 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي حڪومت دوران ايف آءِ اي طرفان شريف فيملي جي خلاف مني لانڊرنگ جي الزامن جي تحت داخل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ٽرائل ڪورٽ شاهديون نه هجڻ ۽ قانوني نڪتن کي آڏو رکندي وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز کي بري ڪري ڇڏيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو