60

عمران خان خلاف 10 ارب هرجاڻي جو ڪيس: وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش

 وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ باني جي خلاف 10 ارب روپيه هرجاڻي جي ڪيس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جج صاحب اوهان سميت عدالت جي ڪمري ۾ موجود سمورن ماڻهن کي مبارڪباد هجي، انهي تي وڪيل پي ٽي آءِ باني چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي، سموري قوم جي فتح آهي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل جرح ڪندي شهباز شريف کان سوال ڪيو ته ڇا اهو صحيح آهي ته اوهان جي دعويٰ ۾ اخبارن کي ڌر ناهي بنايو ويو ۽ نه ئي ليگل نوٽيس ڏنو، ڇا انهي جو سبب اهو آهي ته پي ٽي آءِ باني پاڻ اخبارن کي بيان جاري نه ڪيو هو. جنهن تي شهباز شريف چيو ته 28 اپريل 2017 تي پي ٽي آءِ باني پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو  جنهن جي ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ انهي جي خبر شايع ٿي وڪيل جڏهن شهباز شريف کان اهو پڇيو ته پاناما ڪيس جو ڪهڙو فيصلو ٿيو هو؟ جنهن تي شهباز شريف جواب ڏنو ته پاناما ڪيس انهي جي خلاف نه هو. انهي لاءِ فيصلي جي خبر ناهي. وڪيل پڇيو ته پاناما ڪيس ۾ ڌر ڪير هو؟ شهباز شريف جواب ڏنو ته مان ڌر نه هئس پر اهو سڀ ڪجهه رڪارڊ جو حصو آهي. جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو