51

هٿياربند فوج پاڪستان جي شان آهي، اسان انهن جي بدولت امن، سڪون جي زندگي گذاري رهيا آهيون: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هٿياربند فوج پاڪستان جي شان آهي، اسان پاڪ فوج جي بدولت ئي امن وسڪون جي زندگي گذاري رهيا آهيون. آرٽس ڪونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هميشه ڀارت ۾ ٿيل دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو پر ڀارت ڪڏهن به پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي شان آهي، اسان پنهنجي جي بدولت امن سڪون جي زندگي گذاري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ معصوم شهرين کي نشانو بنايو پر پاڪستان انهن جڳهين کي ٽارگيٽ ڪيو جتان کان حملو ڪيو ويو هو، پاڪستان ڀارت جا رافيل جهاز ڪيرائي انهي جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو