ٺڪراٺو(رپورٽ) ٺڪراٺو ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان مڱريا ۽ راڄڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو ڦوٽو راڄڙ زخمي ٿي پيو زخمي کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي ويا جتان پوليس زخمي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو راڄڙ برادري جي ماڻھن مڱريا ڌر جي ماڻھن خلاف مين چوڪ وٽ ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو احتجاج ڪندڙ عبدالعزيز راڄڙ نبي بخش عبدالمجيد رشيد لونگ احمد معشوق علي گلزار احمد راڄڙ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو آھي ته مڱريا ڌر جا ماڻھو بلاول مڱريو ،نظرمحمد ،قربان، فرمان ،عباس علي مڱريو ۽ ٻين شھزاد علي راڄڙ جي دڪان تي حملو ڪري ڦوٽو راڄڙ کي لٺيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ شھزاد راڄڙ کي ڌڪا ڏئي سندس دڪان ۾ ڀڄ ڊاھ ڪري هڪ ڪار ڪوري ڦر ڪري فرار ٿي ويا احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي بلاول مڱريو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته راحب راڄڙ سان پئسن جي ليتي جو معاملو ھلندڙ ھو پئسا گھرڻ تان معاملو پيش آيو آھي هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور سان رابطي ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين وچ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿيو آھي ھڪ ڌر جو زخمي ڦوٽو راڄڙ ٿاڻي تي پھتو آھي جھيڙي جي رپورٽ داخل ڪئي آھي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
