صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان پاڪستان جوايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو. گورنر هائوس لاهور ۾ صدر آصف علي زرداري سان پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي اٽڪ جي تنظيم ۽ ٽڪيٽ هولڊرز ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آهي ته سموريون سياسي پارٽيون آهن، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن جنهن سبب ڀارت کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطر قربانيون ڏنيون. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ متحرڪ ۽ فعال ٿي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان ملڪ جو ايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن، پورهيتن، سرڪاري ملازمن ۽ پسيل طبقي جي پارٽي آهي. انهي موقعي تي اٽڪ جي تنظيم جي صدر آصف علي زرداري کي اٽڪ جي دوري جي دعوت به ڏني.