آءِ ايم ايف ٽيڪس وڌائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف وڌيڪ سخت قدم کنيا وڃن. ٽيڪس اختيارين جي اختيارين جي استعمال ۾ اضافو ۽ شفافيت آندي وڃي، ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌيڪ وڌايو وڃي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پي او ايس تي ٽيڪس چوري جو ڏنڊ 5 لک کان وڌائي 50 لک ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته ٽيڪس چوري تي ڏنڊ سان گڏ فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جي به تجويز ڏني.آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سولر پينلز سميت سموري ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ڀاڻ، اسپري ۽ زرعي دوائن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي به تجويز آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ زرعي ان پٽس ۽ مشينري تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جڏهن ته آسائشن وارين شين جي فهرست ۾ وڌيڪ شيون شامل ڪري ٽيڪس ۾ اضافي جي به تجويز شامل آهي. جنهن تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي.
