اسلام آباد جي ضيا مسجد واري علائقي ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي عملدارن پاران هڪ دڪاندار جي ريڙهو ضبط ڪرڻ کان ڪجهه منٽن بعد دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب، اکين ڏٺن شاهدن، مائٽن ۽ ٻين دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سي ڊي اي علائقي ۾ تجاوزات خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران آزاد ڪشمير جي 65 سالن جي منظور احمد سميت ڪيترن ئي ماڻهن جون ريڙها ضبط ڪيا ويا. خاندان جو چوڻ هو ته منظور احمد پاڻ آپريشن وقت واقعي واري هنڌ موجود نه هو، پر سندس ڀائٽيو جلال چانور وڪرو ڪري رهيو هو. ٻين دڪاندارن منظور احمد کي فون ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندس ريڙهو سي ڊي اي اسٽاف ضبط ڪري رهيو آهي. هي خبر ملڻ تي منظور احمد فوري طور تي موقعي تي پهتو، پر ان وقت تائين سي ڊي اي جو عملو سندس سامان ٽرڪ ۾ منتقل ڪري چڪو هو. انهيءَ وقت منظور احمد کي دل جو دورو پيو، هو زمين تي ڪري پيو، ۽ جڏهن کيس فوري طور تي ويجهي اسپتال پهچايو ويو ته ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو. منظور احمد جي ڀائٽي جلال، مئجسٽريٽ جي سامهون بيان ڏيندي تصديق ڪئي ته سندس چاچي جو انتقال دل جي دوري سبب ٿيو ۽ خاندان ان معاملي ۾ ڪا به قانوني ڪارروائي نٿو ڪرڻ چاهي.
