سانا ايڊيوڪيسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ جي زمينن جي ڦُرُ مار، ڪارپوريٽ فارمنگ کان بحريا ٽائون تائين جي موضوع تي آن لائين سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار خواجه پروگرام جي شروعات ۾ چيو ته عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري کي اسان شھيد سمجھون ٿا، ۽ ان قتل تي حڪومت جي مذمت ڪريون ٿا ۽ تمام شرڪاءَ کي موري جي شھيدن لاءِ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ جي گذارش ڪئي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي پنھنجي آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي جُوءِ آھي، جي جُوءِ نه رھندي ته سنڌي ڀي نه رھندا، آھستي آھستي اسان کان اسان جي جوءِ ڦري پئي وڃي، ان لاءِ اسان کي جيڪي ڪرڻو ھوندو ضرور ڪندا سين، ھن تمام معزز شرڪاءُ کي ڀليڪار ڪئي. سيد زين شاهه _ چيئرمين، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي چيو ته آئون موجودهه حڪومت جي دور تي ڳالھائيندس جڏھن زمينن جو معاملو 5 سال اڳ ڄامشوري ڪراچي روڊ تي قبضن سان شروع ٿيو، اسان بحريه ٽائون جي ٻاھران پرامن مظاھرو ڪيو ۽ حڪومت اتي تشدد کي اڀاري تحريڪ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مقامي ماڻھن کان زمينون خالي ڪرائڻ جو آغاز ڪيو ويو، ھن چيو ته ايس آءِ ايف سي جو بنيادي تصور پاڪستان جي آئين، فيڊريشن ۽ صوبائي خودمختياري جي خلاف آھي، ان ۾ جيڪي ادارا وڌا ويا اھي صوبائي حقن خلاف آھن ان جو ھڪ حصو آھي گرين انيشيئٽو آھي، سنڌ بلوچستان جي نئين ڪمانڊ ايريا ھڪ ڪروڙ 36 لک ايڪڙ آھي، 12 ملين سنڌ جي زمين ڪمانڊ ايريا آھي، ھنن پراجيڪٽس ڪري سنڌ جي بيراجن جو ٻه ڀاڱي ٽيو حصو پاڻي ختم ٿيندو. سنڌ جو ڊيلٽا ختم ٿيندو، جنھن سان ملاح ڪميونٽي ختم ٿيندي وڃي ۽ اتي وڌي پيماني تي مائگريشن ٿي آھي، بدين، سجاول ٺٽي ۾ ان پراجيڪٽ لاءِ غير مقامي ماڻھن کي زمينون الاٽ ڪيون ويون آھن ان ڪري اتان طاقت ذريعي مقامي مڻھن کي لڏايو پيو وڃي ھاڻي حڪمران ملڪ دشمني جي الزامن سان سنڌ جي حقن جي تحريڪن کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، حڪومت ۽ اسٽيٽ پلاننگ ڪئي آھي تہ ھن تحريڪ ۾ ڪنھن طرح تشدد جو عنصر شامل ڪري ان کي ڪچليو وڃي پر اسين سڀ عدم تشدد جي پاليسي تي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندا رھندا سين گذريل ھفتي اسان بدين ۾ احمد راڄو جتي اڍائي ھزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آھي اتي اسان مقامي متاثرن سان گڏجي عدم تشدد ذريعي ان خلاف جوجھد جو آغاز ڪيو آھي ۽ ٻين ماڳن تي به ايئن ڪندا سين. سيد خدا ڏنو شاهه _ صدر، سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس چيو ته ڪراچي ۾ زمينن جي ڦرلٽ انگريزن جي دور کان شروع ٿي ھئي ،ان وقت ڪراچي 92 ديھن تي مشتمل ھئي، وسيع چراھگاهه ھئا، ورھاڱي کان پوءِ 54 ديھون ۽ ڪراچي شھر مرڪز حوالي ڪيا ويا، سنڌ جي غيرمقامي آبادي لاءِ 45 ديھن تي ڪالونيون ٺاھيون ويون، ڪي پي ٽي ۽ پورٽ قاسم لاءِ زمينن جي والار ڪئي وئي، پورٽ قاسم لاءِ 64 ھزار ايڪڙ زمين گھاري تائين تي قبضو ڪيو ويو، ايم ڊي اي جي قيام کان پوءِ بحريہ ٽائون کي 16 ھزار ايڪڙ زمين ڏني وئي، انھن 43 ھزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو، ايستائين جو کيرٿر پارڪ جي ممنوع زمينن تي قبضا ڪيا ويا، تازو ڄامشوري ۾ 15 ھزار ايڪڙ صنعتي زون لاءِ ڏني وئي آھي، ھڪ ايڪٽ تحت ڳوٺ آباد اسڪيم کي ختم ڪيو ويو آھي. سيد نديم شاهه _ سينئر نائب صدر، سنڌ آبادگار بورڊ چيو تہ ارسا ھر سال اپريل ۾ 30 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ظاھر ڪندي رھي آھي، ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو آھي، سنڌ سُڪي پئي ۽ پنجاب ۾ لنڪ ڪئنال پيا وھايا وڃن، ھٿن سان بندن کي ٽُڪ ڏئي پنجاب کي وسايو پيو وڃي، سنڌ کي پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناھي، سنڌ ۾ ووئڻن جا فصل تمام گھڻو گھٽ ٿي چڪا آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ اھي فصل آندا ويندا جو سنڌ جي ماڻھن کي کائڻ لاءِ صرف گاهه ملي سگھندا. ان موقعي تي سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ ان عزم جو اظھار ڪيو تہ سانا ان ڏکي وقت ۾ سنڌ جي ھن بھادر جوڌن جي جدوجھد کي سلام ٿي پيش ڪري، آخر ۾ ھڪ قررداد پيش ڪئي وئي جنھن ۾ موري جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي انھن جي قتل جي مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءَ ڏنل زمينون رد ڪيو وڃن، بحريه ٽائون جي غير قانوني الاٽمنٽ رد ڪئي وڃي ۽ بحريه کان ڏنڊ ۾ وصول ٿيل رقم مقامي ماڻھن جي فلاح تي خرچ ڪئي وڃي ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ پڪا ڪيا وڃن ۽ متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي، قرارداد جي تمام شرڪاءُ يڪراءِ منظوري ڏني. پروگرام جي پڄاڻي تي انفارميشن سيڪريٽري حبيب ميمڻ تمام مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سانا مستقبل ۾ به اھڙا پروگرام جاري ڪندي.
