ڀروسي جوڳن ذريعن انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان اهم عهديدارن سان ملاقات لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي دوري تي آيو پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽرن ۽ واپارين جو وفد اسلام آباد ۾ 4 ڏينهن گذارڻ کان پوءِ بنا ڪنهن بريڪ ٿرو جي لاهور پهچي ويو. اهو وفد ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان پهتو هو ۽ انهي کي اميد هئي ته اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ٿيندي ۽ خاموش سفارتڪاري جي شروعات ٿيندي ته جيئن عمران خان کي پيش ايندڙ قانوني ۽ سياسي مسئلن ۾ رليف ملي سگهي پر وفد کي اهڙين ڪوششن ۾ اڃان تائين ڪابه ڪاميابي نه ملي. ذريعن موجب وفد کي ڇنڇر جي ڏينهن آمريڪا واپس وڃڻو هو پر ممڪن آهي ته هاڻ اهو وفد پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي واڌ ڏيندو ته جيئن اهم ملاقاتون ٿي سگهن، وفد جو خيال آهي ته عمران خان کي سندن پاڪستان ۾ موجودگي جي خبر آهي، شايد هو انهن سان ملاقات لاءِ راضي ٿئي، اهو وفد عمران خان سان ملاقات جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر انهي کي اڃان تائين ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. اهو وفد ڪجهه مهينا اڳ به پاڪستان آيو هو ۽ انهي وقت انهي وفد جي عمران خان ۽ هڪ اعليٰ عهديدار سان پرسڪون ملاقات ٿي هئي پر موجوده حالتون مختلف آهن ڇو ته اهو وفد هينئر تائين اسلام آباد ۾ موجود اهم شخصيت سان رابطو نه ڪري سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو وفد پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي جن ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ غمران خان جي ڀيڻ عليمه خان شامل آهن. موجوده سياسي ماحول، پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ختم نه ٿيندڙ ڇڪتاڻ سبب انهي وفد کي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ مفاهمت لاءِ سهولتڪاري ۾ ڪابه ڪاميابي ناهي ملي.
