وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ امن وامان بابت اهم جرڳي ۾ شرڪت جي لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو. ايوي ايشن ذريعن موجب ڪوئٽه ايئرپورٽ تي وقتي بلوچستان جي گورنر عبدالخالق اچڪزئي، وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪوئٽه ۾ اڄ منعقد ٿيندڙ اهم جرڳي ۾ شرڪت ڪندو. جرڳي ۾ بلوچستان مان قبائلي، سياسي اڳواڻن کي به گهرايو ويو آهي. جرڳي ۾ وزيراعظم سميت گورنر، وزيراعليٰ بلوچستان، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر شريڪ ٿيندا جرڳي ۾ بلوچستان ۾ امن اوامان جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. خصوصي جرڳي ۾ صوبي جي اڳواڻن کي مختلف معاملن تي اعتماد ۾ ورتو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سوراب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت به ڪندو.
