آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر پاڪ ڀارت جنگبندي جو ڪريڊٽ پنهنجي مٿان کڻندي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگ کان روڪيو، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ايٽمي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اوول هائوس ۾ ڳالهيون ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جنگبندي تي پاڪ ڀارت اڳواڻن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. ٽرمپ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگ کان روڪيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ايٽمي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، اسان اهڙن ماڻهن سان واپار نٿا ڪري سگهون جيڪي هڪ ٻئي تي گوليون وسائي رهيا هجن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ڪنهن کان به بهتر وڙهي سگهون ٿا، اسان وٽ دنيا جي سڀني کان وڏي فوج آهي. انهي کان علاوه ٽرمپ چيو ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي معاهدو جلد ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته آمريڪا ايران ايٽمي پروگرام معاهدي جي ويجهو آهي. چيني صدر سان واپار ۽ ٽيرف تي ڳالهيون ڪندس، اميد آهي ته واپار ۽ ٽيرف تي آمريڪا چين اختلاف ختم ٿي ويندا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پرڏيهي شاگردن کي في الحال آمريڪا کان نه پيا ڪڍون، هارورڊ يونيورسٽي سان جهيڙي جي باوجود چاهيان ٿو ته پرڏيهي شاگرد هتي تعليم حاصل ڪن. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي کان اڳ به پاڪ ڀارت جنگبندي جو ڪريڊٽ پنهنجي مٿان کڻندي چيو هو ته اسان پاڪ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ڪرائي. آمريڪي صدر موجب اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي چيو ته اوهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ بنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلو وڌندو پيو وڃي. پاڪستان جا ماڻهو بهترين ۽ انهي جا اڳواڻ عظيم آهن. ڀارت ۾ مودي انهن جو دوست آهي. ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري پاڪ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ۾ آمريڪي ڪوششن جو شروع کان انڪار ڪيو هو.
