64

ايشين ايٿليٽس چيمپين شپ جو ٽائٽل ارشد نديم جي نالي، گولڊ ميڊل به کٽي ورتو

اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ٿرو ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپين شپ ۾ به گولڊ ميڊ حاصل ڪري ورتو. پاڪستان جي ياسر سلطان پهرين واري ۾ 70.53 ميٽر جي ٿرو ڪئي، ياسر سلطان جي ٻئين ٿرو 57.39 ميٽر جي رهي جڏهن ته ٽئين ڪوشش ۾ ياسر سلطان 75.50 ميٽر جي ٿرو ڪئي. پاڪستان جي ارشد نديم پهرين ٿرو 75.64 ميٽر جي اڇلي جڏهن ته ٻئي ڪوشش ۾ ارشد نديم جي ٿرو 76.80 ميٽر رهي، ارشد نديم ٽئين ڪوشش ۾ 85.57 ميٽر جي ٿرو اڇلي، ارشد نديم چوٿين ڪوشش ۾ 83.99 ميٽر جي ٿرو اڇلي. چوٿين رائونڊ جي اختتام تي ارشد نديم چارٽ تي پهرين نمبر تي موجود رهيو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي آخري ٿرو 86.40 ميٽر ڊگهي اڇلي ۽ آخرڪار گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ايشين ايٿليٽڪس چيمپين شپ جيولن ٿرو جي فائنل مقابلي ۾ ڀارت جو سچن يادو ٻئين نمبر تي رهيو. ياد رهي ته ارشد نديم 86 اعشاريه 34 ميٽر جي ٿرو ڪري فائنل ۾ جڳهه ٺاهي هئي، قومي ايٿليٽ ياسر سلطان به فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو، ڀارتي رانديگر يش وير سنگهه 76 اعشاريه 67 ميٽر جي ٿرو ڪئي هئي. ياد رهي ته ارشد نديم 86 اعشاريه 34 ميٽر جي ٿرو ڪري فائنل ۾ جڳهه ٺاهي هئي، قومي ايٿليٽ ياسر سلطان به فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، ڀارتي رانديگر يش وير سنگهه 76 اعشاريه 67 ميٽر جي ٿرو ڪئي هئي. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ٿرو ارشد نديم کي ايشين ايٿليٽڪس چيمپين شپ ۾ به گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي سياسي قيادت طرفان مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي ايشين ايٿليٽڪس چيمپين شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم جيولن ٿرو جي راند ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ارشد نديم فائنل سميت سموري چيمپين شپ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. ارشد نديم جي انهي شاندار سوڀ تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف ايشين ايٿليٽڪس چيمپين شپ کٽڻ تي ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شاندار فتح تي ارشد نديم ۽ سموري قوم کي مبارڪباد هجي! ارشد نديم قوم جو شان بلند رکڻ جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الحمدالله! پاڪستان جي لاءِ هر ميدان مان خوشين ۽ خوشخبرين جون هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن. ارشد نديم جي نيزي سان گڏ قومون جون دعائون اميدون به بلند ٿيون. وفاقي گهرو وزير ۽ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته شاباش ارشد نديم شاباش! اسان کي اوهان تي فخر آهي، ارشد نديم جي سوڀ تي انهي جي ڪوچ ۽ گهر ڀاتين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ارشد نديم پاڪ ڌرتي جو پٽ آهي. اڄ ارشد نديم هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني جو شان بلند ڪيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو