وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُالله ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي هيرو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نجي نيوز چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته ڊاڪٽر اي ڪيو خان کي هيرو نٿو چئي سگهجي، هيرو اهو آهي جنهن ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو ۽ انهي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي. هن چيو ته اي ڪيو خان جو بطور هڪ سائنسدان جيترو ڪريڊٽ بڻجي ٿو اهو انهي کي ڏنو وڃي پر اهو اڳواڻ نه آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته ايٽم بم ته ڪيترن ئي ملڪن ٺاهي ورتا آهن پر ايٽمي ڌماڪا ڪندڙ گهٽ آهن، هتي صرف حسد ۽ بغض ۾ چيو ويندو آهي ته نوازشريف ته ڪرڻ نٿي چاهيو. منهنجا ڀاءُ اهو وزيراعظم نوازشريف ئي هو ۽ اهي ڌماڪا انهي ئي ڪيا هئا. سينئر سياستدان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو موقف چٽو آهي، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چٽي سوچ، سمجهه رکي ٿو ته سياسي ڳالهيون سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٿيڻ گهرجن انهي ۾ رنڊڪ نه هجي، مون کي به اهڙين ڳالهين تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار چيو ته عمران خان اسٽيبلشمنيٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش جي بجاءِ نوازشريف ۽ صدر آصف زرداري کي ڳالهين جو پيغام ڏئي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هر شيءَ جو ذميوار به اسان کي چئي ٿو ۽ انهي سان گڏ اهو چئي ٿو ته اوهان وٽ اختيار نه آهن، اختيار ته حڪومت وٽ ئي آهن اڳوڻي وزيراعظم کي حڪومت سان ئي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان جي فلسفه سياست اها آهي ته اهو اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ٻيهر حڪومت ۾ اچي ۽ ٻيهر کان اهوئي ساڳيو راڳ شروع ڪري ڇڏي ته مان ڪنهن کي به نه ڇڏيندس. وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته عمران خان هاڻ پنه
