57

سيالڪوٽ: پي پي 52 ۾ ضمني چونڊ شروع، 11 پولنگ اسٽيشنون حساس ترين قرار

پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ ۾ ضمني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي جنهن ۾ 3 وڏين سياسي پارٽين جا اميدوار ميدان ۾ آهن. مسلم ليگ(ن) طرفان حنا رشد وڙائچ، پيپلز پارٽي جي راحيل ڪامران چيمه ۽ تحريڪ انصاف طرفان فاخر نشاط گهمڻ چونڊ ڊوڙ ۾ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب اها سيٽ مسلم ليگ(ن) جي ميمبر ارشد جاويد وڙائچ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ضمني چونڊ جي لاءِ تڪ ۾ 185 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 11 کي حساس ترين قرار ڏنو ويو آهي. سيڪيورٽي لاٰءِ 2 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، آفيسرن ۽ ايليٽ فورس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن، چونڊ عمل کي پرامن ۽ شفاف بنائڻ جي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو