قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي خلاف ريفرنس تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو. مسلم ليگ(ن) جي بابر نواز عمر ايوب جي خلاف ريفرنس اسپيڪر ڏانهن اماڻيو هو. داخل ڪيل ريفرنس ۾ عمر ايوب تي مالياتي گوشوارن ۾ اثاثن جا تفصيل لڪائڻ جو الزام آحي جنهن ۾ آرٽيڪل 62-63 جي تحت عمر ايوب کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن اسپيڪر ڏانهن اماڻيل ريفرنس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشڻ ڪميشن عمر ايوب کي 4 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. داخل ريفرنس موجب عمر ايوب پرڏيهه ۾ موجود ملڪيتن کي ڳجهو رکيو، اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيو. عمر ايوب 2019-20 ۾ سرمائيڪاري جي حوالي سان يو اي اي جو اقامو رکيو ۽ ظاهر نه ڪيو. عمر ايوب اقامي مان مالي فائدا يا خساري جو ذڪر ناهي ڪيو. عمر ايوب پاڪستان جي هڪ اداري ۾ پنهنجي حصص ۽ سرمائيڪاري کي به گوشوارن ۾ ظاهر ناهي ڪيو. ريفرنس ۾ بابر نواز استدعا ڪئي آهي ته سنگين الزامن جي هيٺ ايندڙ شخص قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ جي اهل نه آهي. اليڪشن ڪميشن 4 جون جي صبح 10 وڳي عمر ايوب جي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندو.
