47

اڄوڪي نسل ڌار ٿيڻ جي تڪليف نٿي سمجهي سگهي، پاڪستان بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

 صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان انهي نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جو ڏک ڏٺو، پر اڄ جي نسل انهي تڪليف کان اڻڄاڻ آهي، ٻنهي ملڪن کي ماضي جي رنجشن کي وساري هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو. انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ۽ آفيشلز سان ملاقات ڪئي ۽ هلندڙ سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي  ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي(سفير راند) قرار ڏيندي انهن جي جذبي ۽ راند جي معيار جي تعريف ڪئي. صدر آصف زرداري چيو ته مان انهي نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڌار  ٿيڻ جو ڏک ڏٺو، پر اڄ جي نسل انهي تڪليف کان اڻڄاڻ آهي. اسان کي هاڻ گڏجي انهن زخمن تي مرهم رکڻو پوندو ٻنهي ملڪن جي عوام جي فلاح لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته بنگلاديش اڄ هڪ ڪامياب ملڪ جي طور تي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي، اڄ جيئن پاڪستان وسيلن سان مالا مال آهي، تيئن ئي ڍاڪا به قدرتي نعمتن سان نوازيو ويو آهي. آصف زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وڏي گنجائش آهي، خاص طور تي نوجوان نسل کي ويجهو آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري زور ڏنو ته رانديون خاص طور تي ڪرڪيٽ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جو موثر ذريعو آهي ۽ انهي سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن خطي ۾ هم آهنگي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهجي. پنهنجي ڳالهين جي دوران آصف زرداري مسڪرائيندي چيو ته سياست اسان تي ڇڏي ڏيو، سياست اسان کي ڪرڻ ڏيو، اسان جيلن به وڃي سگهون ٿا، اسان جهڙا ماڻهو 14 سال جيل ڪاٽي سگهن ٿا اوهان جهڙا ماڻهو نه.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو