73

نوازشريف ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ لنڊن روانو، عيدالاضحيٰ به برطانيه ۾ ملهائيندو

اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان نوازشريف لنڊن روانو ٿي ويو آهي جتي هو ڪجهه ڏينهن تائين رهائش اختيار ڪندو. رپورٽ موجب اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف خصوصي جهاز جي ذريعي لاهور کان لنڊن روانو ٿيو، برطانوي وقت موجب نوازشريف شام 6 وڳي لنڊن پهچندو. لنڊن ۾ پنهنجي قيام جي دوران ميان نوازشريف معمول جون ميڊيڪل ٽيسٽون به ڪرائيندو جڏهن ته هو عيدالاضحيٰ به لنڊن ۾ ئي ملهائيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وزيراعظم لنڊن ۾ معمول جو ٽيسٽون ڪرائيندو عيد جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس واپسي جو امڪان آهي پر واپسي جي حوالي سان حتمي تاريخ جو في الحال اعلان نه ڪيو ويو آهي، سندس مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي واپسي ۾ دير ٿيڻ جو به امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو