صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ گورنر هائوس پنجاب ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ گڏيل سياسي، معاشي ۽ پرڏيهي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کي تازي پرڏيهي ملڪن جي دورن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، انهي موقعي تي پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جي ملاقات ۾ ڀارت سان سيز فائر کان پوءِ جي صورتحال ۽ ڀارت طرفان مسلسل جارحيت جي ڌمڪين تي به ڳالهيون ڪيون ويون انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستن تي بيهارڻو آهي، پاڪستان جي ڪاميابي کي اڄ دنيا مڃي رهي آهي ڪنهن کي به پاڪستان طرف ميري اک کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته جنگ جي ميدان ۾ هن صدي جي نئين تاريخ لکي وئي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، اسان ڀارت کان جنگ نٿا چاهيون، ٻيهر جنگ مڙهي وئي ته پهرين کان وڌيڪ ۽ وڏو سرپرائيز ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري کي ٻڌايو ته دوست ملڪن جا دورا تمام گهڻو ڪامياب رهيا، پاڪستان هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، اسان جي پاڪ فوج جي بهادري سبب ڪوبه اڄ پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. دنيا پاڪستان جي جنگي مهارت کي مڃي ٿي، عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ئي اصل ۾ اسان جي سوڀ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، چين، ترڪيه، آذربائيڪان دوستي هڪ نئين باب جي شروعات آهي، سفارتي وفد ڀارت جي ڪوڙ جي جواب ۾ دنيا جي سامهون پنهنجو موقف رکي.
