70

پريالوءِ: سنڌي ادبي سنگت پاران ڌرتيءَ تي ڏاڍ، جبر، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ غيرقانوني ڪئنالن خلاف احتجاج

پريالوءِ(رپورٽر ) سنڌي ادبي سنگت پريالوء پاران مرڪزي هدايت جي موٽ ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياءَ تي غيرقانوني ڪئنالن جي اڏاوت موري واقعي سميت سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن کي کنڀڻ ۽ گرفتاريون ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ڏاڍ جبر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت پريالوء پاران سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري سجاد ميراڻي،استاد ڪندن لعل ،بلال صابر ڀٽو ، ۽ صحافي برادري ۽ شهر واسين پريس ڪلب پريالوء آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ،جتي سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته؛ اسين ڪنهن به صورت ۾ اهو برداشت نه ڪنداسين ته سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي غير قانوني ڪينال اڏي وارياسي چولستان کي آباد ڪري، سرسبز سنڌڙيءَ کي تباھ ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪمپنيءَ وارن کي ڀڳڙن مٺ ۾ ڏيئي اصل وارثن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. جيڪا سراسر سنڌ واسين سان ناانصافي آهي. هنن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جون سرڪاري پيل زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. ته جيئن سنڌ جي خوشحاليءَ سان گڏ سنڌ واسين جي پڻ خوشحاليءَ جو ڪارڻ بڻبي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ معدنياتي وسيلن تي پهريائين سنڌ جو حق آهي. ان کان پوءِ ٻين صوبن جو، ملڪ ۾ مڙني وسيلن مان ستر سيڪڙو وسيلا سنڌ جا ڪتب آندا وڃن ٿا. جڏهن ته موٽ ۾ ٽيهه سيڪڙو به نٿو ڏنو وڃي.جيڪا سراسر ناانصافي آهي. جيڪا بند ٿيڻ گھرجي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻيلن کي ٻيهر آباد ڪري، ماحولياتي گرمائش کي گھٽايو وڃي ۽ سنڌ جي ساوڪ ۽ سونهن کي بچايو وڃي. سنڌ جي ڪوئلي مان تيار ڪيل بجليءَ جو واهپو سنڌ واسين بدران ٻين صوبن ڏانهن جاري آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ روزانو ويهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي هر پيداوار تي سنڌ جو قانوني ۽ آئيني حق آهي. جنهن کي ممڪن بنائڻ ۾ حڪومت سنڌ پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري، ته جيئن سنڌ ۽ سنڌ واسي سک جو ساھ کڻي سگھن. هنن مطالبو ڪندي، وڌيڪ چيو ته مورو سانحي خلاف اعليٰ عدالتي جانچ ڪرائي، ملوث ماڻھن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن. ۽ متاثرين سان انصاف ڪيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو