ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن جي شام کان هينئر تائين مختلف وقتن ۾ 4 ڀيرا زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. رپورٽ موجب شهرين جو چوڻ آهي ته لانڍي ۽ ملير جي ڀرسان هڪ دفعو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، علائقي جي رهواسين موجب زلزلي جا لوڏا صبح جو ساڍي 10 وڳي محسوس ٿيا، زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب لانڍي ۽ ملير ۾ زلزلي جي لوڏن جي شدت 3.2 هئي زلزلي جو مرڪز قائدآباد جي ڀرسان هو ۽ ان جي زمين اندر گهرائي 10 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جا لوڏا 10 لڳي 29 منٽن تي رپورٽ ٿيا. گذريل رات دير سان پهريون جهٽڪو 1 لڳي 12 منٽن تي محسوس ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ 1:30 وڳي 2 ڀيرا وڌيڪ لوڏا محسوس ڪيا، انهي کان اڳ گذريل شام 5 وڳي به شهر ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا خاص طور تي قائد آباد، ملير، لانڍي، شاهه فيصل ٽائون، ڪورنگي، مجيد ڪالوني، شير پائو ۽ ٻين لاڳاپيل علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته انهي جي گهرائي 12 ڪلو ميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز ڪراچي جي گڏاپ ٽائون جي ڀرسان هو زلزلي جا لوڏا ايترا زوردار هئا جو شهري پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ اذانن سان گڏ الله اڪبر، توبه ۽ استغفار جي ورد ۾ مشغول ٿي ويا. گهرن جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا ۽ علائقي ۾ آسمان تي پکين جو گوڙ پڻ ٻڌڻ ۾ آيو. مختلف علائقن ۾ مسجدن مان اذانون ڏنيون ويون جڏهن ته شهرين جو وڏو انگ گهرن کان ٻاهر نڪري آيو جيڪو خوف وچان گهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو. موسميات کاتي ۽ زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اهو زلزلو معمولي نوعيت جو هو. پر انهي جي باوجود شهرين ۾ ڳڻتي ۽ دهشت جي لهر پکڙيل آهي
