گمبٽ ڀرسان ڳوٺ سرده جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب فائرنگ ۾ مارجي ويل جي سڃاڻپ مينهل جتوئي طور ٿي آهي پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو انهي حوالي سان ڊي ايس پي گمبٽ ٻڌايو ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ بيهاري ڇڏي آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
