اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو، گذريل حڪومت جيڪو ملڪ کي جو حال ڪيو هو انهي کي مسلم ليگ(ن) بهتر بنائي رهي آهي. (ن) ليگ اڳواڻ نوازشريف لنڊن پهچڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مسلم ليگ(ن) پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، هر شعبي جي ترقي ۾ مسلم ليگ(ن) جو اهم ڪردار آهي. نوازشريف چيو ته گذريل حڪومت جيڪو ملڪ جو حال ڪيو هو انهي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ(ن) ليگ ڪوششن ۾ مصروف آهي، ملڪ جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، معيشت ۾ به سڌارو اچي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ماڻهو ڪم کي ووٽ ڏيندا آهن، سياست سان گڏوگڏ ڪم به ٿيڻ گهرجي، نوازشريف چيو ته اسان جي زماني ۾ 4 سالن تائين روپيو مستحڪم رهيو، ناڻي جي مٽاسٽا 7 تي پهتل هئي، مسلم ليگ(ن) پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو اسان چين سان گڏجي جي ايف 17 جهاز ٺاهيا.
