پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جا چڙ ڏياريندڙ بيان انتهائي ڳڻتي جوڳي ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي امن جي بجاءِ دشمني کي ترجيح ڏيندا آهن. هندستان جي اڳواڻن ۽ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي بيانن تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان کي علاقائي عدم استحڪام جو سبب بنائي پيش ڪرڻ حقيقت کان مٿانهون آهي، عالمي برادري ڀارت جي جارحانه رويي کان واقف آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندر دهشتگردي کي سپورٽ ڪري ٿو، ڀارتي دهشتگردي جي حقيقتن کي کوکلا بيان ۽ هٿڪنڊن سان لڪائي نٿو سگهجي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪشمير مسئلو خطي جي امن، استحڪام کي خطري ۾ وجهڻ وارو بنيادي مسئلو آهي، انهي بنيادي مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ خطي جي بداعتمادي ۽ امڪاني تڪرار جي رستي تي وجهڻ جي برابر آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ دير تائين جي حل جي وڪالت ڪندو رهندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت ڌمڪين ۽ غلط بيانن سان پنهنجا مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي. پاڪستان امن ۽ تعميري مصروفيتن لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي خودمختاري ۽ دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ سنجيدگي، ضبط ۽ تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.