هڪ سال جي دوران ملڪ ۾ 7 صحافي قتل ڪيا ويا، سي پي اين اي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز(سي پي اين اي) 2024-25 جي پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سي پي اين اي جي اهتمام هيٺ(پين آف چين) جي عنوان سان اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ پاڪستان ميڊيا فريڊم رپورٽ 2024-25 جاري ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيڪا ايڪٽ 2025 ۽ هتڪ عزت قانون 2024  اظهار جي آزادي تي حملو آهي، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ميڊيا قانون تي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ناهي ڪئي، صحافين تي رياستي ۽ غير رياستي دٻاءُ آهي جنهن سان اظهار جي آزادي خطري هيٺ آهي. رپورٽ موجب 3 مئي 2024 کان 3 مئي 2025 جي دوران 7 صحافين کي قتل ڪيو ويو. قاتلن کي سزا ناهي ملي، صحافين تي اغوا، تشدد ۽ ڪيسز جا 104 واقعا رپورٽ ٿيا. رپورٽ ۾ بڌايو ويو ته پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجه بندي 152هين نمبر تي آهي. انهي ڪري تڪراري قانون واپس ورتا وڃن. سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان انهي رپورٽ کي شهيد صحافين جي نالي ڪريون ٿا. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس جي صدر انتهوني ڊومينيڪ خطاب ۾ چيو ته پيڪا قانون ۾ ترميم اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيڻ گهرجي. ايمنڊ جي صدر اظهر عباس جو پيغام سينئر صحافي ريحان احمد پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ چيو ويو ته ميڊيا هائوسز کي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته اڄ اسان تي ايترو سخت پريشان ڪندڙ وقت آهي جو پيڪا جي خلاف هڪ ايڊيٽوريل به نٿا لکي سگهون. صحافي اڳواڻ ارشد انصاري چيو ته اڄ تائين ڪنهن صحافي جو ڪوبه قانل گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. انهي کان علاوه سينئر صحافي حامد مير چيو ته موجوده دور ۾ به 8 اينڪرز آف ايئر ٿيا آهن، هن وقت به اهو ٿي رهيو آهي جيڪو گذريل دور ۾ ٿيو. ٻئي طرف هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري حارث خليق چيو ته اڄ به ملڪ ۾ نئون آبادياتي نظام رائج آهي.