اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن راولپنڊي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻو وفاقي وزير طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو هو. جنهن تي عدالت فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران چالان پيش نه ڪرڻ تي به عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ تاريخ تي جاچ آفيسر چالان پيش ڪري.. ڪيس اينٽي ڪرپشن ٿاڻي جهلم طرفان داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ ايراضي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳري رشوت جو الزام لڳايو ويو آهي.