18 سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪري جي شادي واري قانون کي فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. شهزاد عدنان نالي شهري پنهنجي وڪيل مدثر چوڌري ايڊووڪيٽ جي حوالي سان درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شادي بابت قانون قرآن ۽ حديث جي خلاف ٺاهيو ويو آهي. شهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته چائلڊ ميرج ريسٽرين بل 2025 خلاف آئين ٺاهيو ويو. درخواست ۾ قرآني آيتن جو حوالو به ڏنو ويو. شادي بابت جيڪو قانون ٺاهيو ويو انهي جي قيد بامشقت جي سزا رکي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قيد بامشقت سزا به آئين جي خلاف آهي. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته اهو قانون قرآن مجيد ۽ سنت جي خلاف آهي انهي کي ختم ڪيو وڃي. رياست کي انهي قانون جي تحت ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
