ڪراچي ۾ آچر کان هن وقت تائين 32 ڀيرا زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪراچي ۾ اڄ صبح به زلزلي جا جهٽڪا جاري رهيا، جنهن سبب 6 ڏينهن ۾ زلزلي جي شدت 32 ٿي وئي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ زلزلي جو پهريون جهٽڪو صبح جو 4 لڳي 46 منٽن تي آيو، جنهن جي شدت 2.7 ۽ گهرائي 2 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڊفينس کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هو. ذريعن موجب آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهري سخت خوف ۽ هراس جو شڪار ٿي ويا ۽ علائقي جا رهواسي ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. آچر جي صبح کان وٺي شهر جي مختلف علائقن ۾ آيل هلڪي زلزلي جي جهٽڪن جو انگ 32 تائين پهچي ويو آهي.