اڳوڻو وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق طبعيت خراب ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي. خانداني ذريعن موجب، خواجا سعد رفيق جي طبيعت ناساز آهي، ڊاڪٽرن سعد رفيق کي آرام جو مشورو ڏنو آهي، کيس لاهور جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو. جتي سندس ٽيسٽ ڪيو ويو. خانداني ذريعن موجب، خواجه سعد رفيق کي دل جي تيز ڌڙڪڻ سبب اسپتال آندو ويو ۽ چيڪ اپ کان پوءِ گهر موڪليو ويو، ڊاڪٽرن خواجه سعد رفيق کي آرام جو مشورو ڏنو آهي.