ايندڙ مالي سال جي لاءِ تقريبن 18 هزار ارب روپين جو بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ تقريبن 2 هزار ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا. نئين بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچ 16 هزار 286 ارب روپيه هوندا جڏهن ته ايندڙ سال بجيٽ خساري جي ڊي پي جو 5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي جيڪو 6 هزار 501 ارب روپيه بڻجي ٿو. سمورن شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به تجويز آهي جڏهن ته ٽيڪس روينيو جو حدف 14 هزار 131 ارب روپيه ۽ نان ٽيڪس روينيو وصولي جو حدف 5 هزار 167 ارب روپين تجويز ڪرڻ جو امڪان آهي. نان ٽيڪس روينيو ملائي 19 هزار 298 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جو حدف آهي. بجيٽ ۾ 2.5 سيڪڙو جي شرح سان ڪاربن ليوي به لڳائڻ جي تجويز به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. نئين بيٽ ۾ قرض تي وياج جي ادائيگي جي مد ۾ 8 هزار 206 ارب روپيه ۽ دفاع جي لاءِ 2 هزار 550روپيه رکڻ جي تجويز آهي. پيٽروليم ليوي مان 1300 ارب روپيه حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيٽروليم ليوي 78 روپيه في ليٽر مان وڌائي هڪ سئو روپيه في ليٽر ڪرڻ جي تجويز آهي.
