جيڪڏهن عدالتون سمجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ باني کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ گهرجي ته مان انهي جي حمايت ڪندس: بلاول ڀٽو

تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ بابت سوال تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. عمران خان جي آزادي بابت سوال جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ قانوني عمل جي طور تي جيڪڏهن عدالتون سمجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ باني کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ گهرجي ته مان انهي جي حمايت  ڪندس. هن چيو ته مون کي وڌيڪ خبر ناهي انهي جي باري ۾ پهريون ڀيرو ٻڌو آهي پر جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اهو قانوني عمل جو حصو آهي. بلاول ڀٽو طرفان اهو بيان برطانوي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو جي دوران ڏنو ويو. انٽرويو ۾ اينڪر چيو ته اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته 11 جون تي عمران خان کي عدالت طرفان ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. انهي سوال تي جواب ڏيندي پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن عدالت پي ٽي آءِ باني کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي ڇو ته ضمانت انهي جو حق آهي مان انهي جي حمايت ڪندس مان ۽ منهنجي پارٽي انهي کي چيلينج نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪيس جو هڪ قانوني طريقيڪار آهي ۽ اهو به انهي عمل جو حصو آهي.