آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو. آمريڪي ميڊيا پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو، اسرائيل ايران تي حملي جي اڳواٽ اطلاع آمريڪا کي به ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اسرائيلي اختيارين آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته اسرائيل ايران ۾ آپريشن جي لاءِ تيار آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ايران اسرائيلي حملي جي رد عمل ۾ امڪاني طور تي عراق ۾ موجود آمريڪي سائٽس تي حملو ڪري سگهي ٿو جنهن سبب آمريڪا وچ اوڀر ۾ موجود پنهنجن ڪجهه شهرين کي فوري طور تي اتان کان نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. انهي کان علاوه آمريڪي دفاع واري وزارت پينٽاگون فوجي خاندانن جي گهر ڀاتين کي رضاڪارانه طور تي وچ اوڀر ڇڏڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايران اسرائيل ڇڪتاڻ سبب گذريل ڏينهن آمريڪي دفاع واري وزير وچ اوڀر مان پنهنجي غير سفارتي عملي جي رضاڪارانه واپسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي عهديدار چيو هو ته فوجين ۽ انهن جي گهر ڀاتين جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي ترجيح آهي. هوڏانهن ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا سان ڪوبه تڪرار شروع ٿئي ٿي ته هو خطي ۾ موجود سمورن آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بنائيندو. ايراني دفاع واري وزير چيو آهي ته اميد آهي ته نوبت ايستائين نه پهچندي ۽ ڳالهين جا بهتر نتيجا سامهون ايندا پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ ايران تي جنگ مڙهي وئي ته دشمن جو نقصان ايران جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ هوندو. ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا هن وقت يورينيئم کي هٿي ڏيڻ واري معاملي تي شديد سفارتي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. ايران ۽ آمريڪا اپريل کان هينئر تائين 5 ڀيرا ڳالهيون ڪري چڪا آهن ته جيئن 2015 ۾ طئي ٿيندڙ ايٽمي معاهدي جي جڳهه هڪ نئون معاهدو ڪري سگهجي. هاڻ آمريڪا ۽ ايران جي ايٽمي ڳالهين جو ڇهون دور آچر تي مسقط ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.