35

آءِ اي اي اي طرفان اسرائيلي حملن ۾ ايراني جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي تصديق

جوهري توانائي ۽ يورينيم افزودگي جي عالمي نگران اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي (آءِ اي ايِ اي)، تصديق ڪئي آهي ته جمعي جي صبح ٿيل اسرائيلي حملي ۾ ايران جي نطنز واري جوهري افزودگي جي مرڪزي ٿاڪ کي نشانو بڻايو. آءِ اي ايِ اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي هو نطنز سائيٽ تي تابڪاري جي سطح بابت ايراني عملدارن سان گڏ ايران ۾ موجود پنهنجن ماهرن سان سان رابطي ۾ آهن. انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي موجب، ايراني اختيارين آگاهه ڪيو آهي ته نطنز واري ماڳ تي تابڪاري جي سطح ۾ ڪا به واڌ ڏسڻ ۾ نه آئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي بوشهر واري جوهري پلانٽ کي نشانو ناهي بڻايو ويو . ياد رهي ته نطنز ايران ۾ يورينيم افزودگي جو هڪ اهم مرڪز آهي، جيڪو ايراني راڄڌاني تهران کان اڍائي سئو ڪلوميٽر ڏور ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ قائم آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو